محمد يوسف ڪهڙي بالر کان ڊڄندو هو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري بيٽر محمد يوسف انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پوري ڪيريئر ۾ هڪ ئي بالر کان ڊپ ٿيندو هو جيڪو سريلنڪن هو.
محمد يوسف ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ انٽرويوءَ دوران پنهنجي پروفيشنل ۽ ذاتي زندگي بابت ويچار ونڊيا.
ان دوران هڪ سوال جي جواب ۾ محمد يوسف چيو ته سموري ڪيريئر دوران سريلنڪا جي مٿيا مرلي ڌرن کان گهڻو ڊپ ٿيندو هو.
هن چيو ته مرلي ڌرن کان ڊپ ٿيڻ پٺيان هڪ سبب اِهو به هو ته مان سندس هٿ کي سمجهي نه سگهندو هئس ته هو ڪهڙو بال هلائڻ وارو آهي.
ٻيو اهم ڪارڻ اِهوهوته مرلي ميچ کان اڳ مخالف ٽيم جي ڊريسنگ روم ۾ اچي چوندو هو ته فلاڻي فلاڻي رانديگر کي مان آئوٽ ڪندس ۽ هو آئوٽ به ڪندو هو.
هن اِهو به چيو ته جڏهن اسان ٻئي رٽائر ٿياسين ته ساڻس سريلنڪا ۾ ملاقات ٿي ۽ ماني کائڻ دوران مرلي چيو ته تون ڏاڍو سٺو رانديگر هيئن، پر مون کان ڊڄي آئوٽ ٿي ويندو هيئن.
انٽرويوءَ دوران محمد يوسف هڪ ٻيو انڪشاف به ڪيو ته جنهن مرلي کان سموري دنيا لنوائيندي هئي اِهو پاڪستاني اوپنر سعيد انور پيرين پوندو هو ته هو ميدان ۾ کيس ڇڪا، چوڪا نه هڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.