”ريمبو ۽ صاحبا شادي لاءِ وضيفو پڙهندا هئا“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نِشو بيگم ٻڌايو آهي ته ريمبو صاحبا سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪيئن متاثر ڪيو.
نِشو بيگم پنهنجي ڌيءُ اداڪارا صاحبا سان گڏجي هڪ ويب شو ۾ بطور مهمان شرڪت ڪئي.
شو ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته ريمبو ۽ صاحبا جي شادي جي خلاف هيس، ڇو ته مونکي ڊپ هيو ته ريمبو جي فيملي هڪ اداڪارا جي ڌيءُ کي ڪيئن قبول ڪندي؟
نِشو بيگم جو چوڻ هو ته مون ريمبو کي صاحبا سان شادي لاءِ پهريان پنهنجو گهر ٺاهڻ جو شرط رکيو ته جيئن هن کي صاحبا وسري وڃي پر ريمبو محنت ڪري پنهنجو گهر به ٺاهي ورتو.
هن انڪشاف ڪيو ته ٻنهي ڄڻن شادي لاءِ وضيفا شروع ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي آئون به ٻنهي جي شادي
لاءِ راضي ٿي ويس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.