ڪوٽڙي: 2 نوجوان ناريون مبينا اغوا، 4 ڄڻن تي الزام

ڪوٽڙي (نمائندو) ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستي جون رهواسي 2 ڀينرون مبينا اغوا ٿي ويون آهن.

25 ورهين جي شادي شده نسيما ۽ 16 سالن جي سيما جي مبينا اغوا جو ڪيس چئن ڄڻن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي.

ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس نارين جي ڀاءُ پير بخش گاڏهي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو جنهن ۾ اسد علي، ماجد علي، طالب حسين کي نامزد ڪيو ويو آهي ۽ هڪ اڻڄاتل شخص کي شامل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ جوابدارن پاران نارين کي گهران کنڀڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.