رونالڊو هڪ ٻئي ميدان ۾ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي..!

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پرتگال جو مشهور فٽبالر ڪريسٽيانو رونالڊو سوشل ميڊيا تي فٽبال کان وڌيڪ معاوضو وصول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو.

هاپر ايڇ ڪيو جي بزبنگو ۾ ڇپيل مطالعي موجب پرتگال جو مشهور فٽبالر رونالڊ راند جي ميدان کان وڌيڪ انسٽاگرام تي اسپانسرڊ پوسٽ مان ڪمائيندو آهي.

هڪ رپورٽ موجب رونالڊو گذريل سال راند جي ميدان مان 3 ڪروڙ 40 لک  ڊالر معاوضو وصول ڪيو هو جنهن کان پوءِ هو دنيا ۾ ٻيون نمبر سڀ کان وڌيڪ معاضو وصول ڪندڙ ايٿليٽ بڻجي ويو هو.

۽ هاڻ رونالڊو رڳو انسٽاگرام مان هر سال 4 ڪروڙ 78 لک ڊالر ڪمائي رڪارڊ ٽوڙ معاوضو وصول ڪندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.

انسٽاگرام تي سڀ کان گھڻو ڪمائيندڙن جي فهرست ۾ رونالڊو کان پوءِ ارجنٽينا جو فٽبالر ليونل ميسي آهي جيڪو سوشل ميڊيا ايپ ذريعي 2 ڪروڙ 33 لک ڊالر هر سال ڪمائيندو آهي جڏهن ته ان فهرست ۾ ٽين نمبر تي ڪينڊل جينر آهي جيڪو ان پليٽ فارم تان هر سال هڪ ڪروڙ 60 ڊالر ڪمائيندو آهي.

سوشل ميڊيا جي مشهور ايپ انسٽاگرام تي رونالڊو جا 187 ملين فالورز آهن ۽ هو سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ فالور رکندڙ رانديگر آهي.

انسٽاگرام تي ايتري تعداد ۾ فالورز هجڻ ڪري ڪمپنيون رونالڊو سان ڪم ڪرڻ جي خواهش رکنديون آهن جن ۾ جوتن جي عالمي ڪمپني نائيڪ ۽ شيمپو جي مشهور ڪمپني ڪليئر به شامل آهن.


 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.