آصف زرداري جو جعلي بئنڪ اڪائونٽ سان ڪو تعلق ناهي: فاروق نائيڪ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته آصف زرداري جو جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري کي نالو نه هئڻ باوجود نيب جي آفيس طلب ڪيو پيو وڃي، سندس جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته آصف زرداري کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، الزام هڻڻ سولو هوندو آهي پر الزام کي ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب طرفان اڃا هڪ ئي ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، واحد ريفرنس ۾ به الزام هنيو پيو وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري نه چيڪ تي صحيح ڪئي ۽ نه وري اڪائونٽ آهي، پارڪ لين ۾ هو نه ڊائريڪٽر آهي ۽ نه وري شيئر هولڊر آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيس جو فيصلو ٿيندي وقت لڳي ويندو آهي، آصف زرداري کي ڪو سوالنامو نه ڏنو ويو آهي.

You might also like