والاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) اولهه ڪناري اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي فلسطينين تي فائرنگ کانپوءِ اولهه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.
اختيارين موجب اسرائيلي فوج قلنديا ۽ جنين جي پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ فلسطينين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي شهادتون ٿيون.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب هلندڙ سال اسرائيلي فوج هٿان 8 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.