پرويز الاهي عمران کي اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو چيو هو !

لاهور (امداد سومرو)  پنجاب ۾ بظاهر ته عمران خان ۽ پرويز الاهي ڪامياب نظر اچي رهيا آهن، پر اصل  ۾ ايئن  چئجي ته عمران خان هارائي ويو آهي ۽ پرويز الاهي  ڪامياب ٿي ويو آهي ته ان ۾  وڌاءُ  نه ٿيندو ۽  اهو اڄ ثابت به ٿي ويندو جيڪڏهن پرويز الاهي اڄ  اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائيس  گورنر  کي اماڻي ٿو ته پوءِ چئبو ته عمران خان ڪامياب ٿي ويو آهي، جيڪڏهن اسيمبلي نه ٿي ٽوڙي وڃي ته پوءِ ثابت ٿي ويندو ته عمران خان ناڪام ٿي ويو آهي. نامياري صحافي جو چوڻ آهي ته ذريعن  ڄاڻايو آهي ته پرويز الاهي زمان پارڪ ۾ عمران خان سان آخري ملاقات ۾ واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز ووٽ ڏيڻ لاءِ  تيار نه آهن، ان ڪري مان پنهنجي حڪمت عملي  سان ووٽ وٺندس ۽ اسيمبلي نه  ٽوڙيندس ڇو ته جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙيندس  ته مون کي پنهنجا ايم پي ايز به ووٽ نه ڏيندا. جنهن تي عمران خان اتفاق ڪيو. ان بعد پرويز الاهي ڪجهه ايم پي ايز کي فون ڪري خاطري ڪرائي ته ووٽ ڏيو اسيمبلي نه ٽوڙيندس. جنهن کانپوءِ رات دير سان پرويز الاهي اجلاس ۾ پهتو ، ان هوندي به ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي 186 ووٽ  نه مليا آهن. (ن)  ليگ ۽ پ پ جي بائيڪاٽ بعد هٿرادو انگ اکر تيار ڪري دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پرويز الاهي کي گهربل ووٽ مليا آهن. رهيو سوال ته جيڪڏهن پرويز الاهي اسيمبلي نه ٿو ٽوڙي ته عمران ڇا ڪندو؟  ان وٽ هڪ ئي آخري حل آهي ته استعيفائون ڏئي اسيمبليءَ مان ٻاهر نڪري اچن، اهو سڀ ڪجهه اڄ واضح ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.