ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ٽنهي زونز ۾ پوليس پينو ٻارن ۽ انهن کي ان ڪم تي لڳائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.
خميس جي شام تائين جاري ڪارروائين ۾ شهر مان 100 کان وڌيڪ ٻارن کي حراست ۾ وٺي شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو.
پوليس ذريعن موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي طرفان ٽنهي زونز جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون هيون.
مختلف ٿاڻن جي پوليس شهر جي ٽريفڪ سگنلز، چئو واٽن ۽ بازارن ۾ ڪارروائيون ڪري مختلف عمرن جي سئو کان وڌيڪ ٻارن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻن ۾ منتقل ڪيو، جتان کين ڪورنگي ۾ قائم ٻارن جي خاص شيلٽر هوم منتقل ڪيو پيو وڃي.
پوليس ذريعن موجب مختلف علائقن ۾ پينو ٻارن خلاف ڪارروائيون جاري آهن، جڏهن ته ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.