اٽي جو بحران پيدا ڪري مسڪينن کي بي موت ماريو پيو وڃي: ذوالفقار مرزا

ڪڍڻ (رپورٽ : بابو کوسو) اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا ڪڍڻ شهر ۾ مختلف برادرين وٽ تڏي تي وڃي تعزيتون ڪيون، سيٺ فدا حسين جي فرزند غلام حسين خواجه، چانديه برادري جي صابر علي جي ڀاءُ اياز، جاني حجام جي فرزند واحد بخش عمراڻي، چوٿين وارڊ ٽي سي ڪڍڻ جي جي ڊي اي جي اميدوار مير محمد بجير جي تڏي تي سندس سالي سميت ولهاري ۾ تازو جي ڊي اي جي اميدوار عبدالرحيم بروهي مرحوم جي پوئينرن جي تڏي تي دعا گهري ڪئي، هن  گڏ ٿيل ماڻهن سان ملاقاتون ڪندي چيو آهي ته چورن ڌاڙيلن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن عوام پنهنجا سڄڻ دشمن سڃاڻي ورتا آهن زرداري ليگ ۽ چنڊال حڪمرانن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري مسڪينن کي بي موت ماريو پيو وڃي. بک وگهي فوت ٿيندڙن جي ايف آءِ آر سنڌ جي حڪمرانن ۽ زرداري تي ڪاٽي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.