”ٿر جي ڪوئلي سان مقامي ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿيو، ڪمپنيون نظرانداز پيون ڪن“

نئون ڪوٽ( زاھد مغل ) ٿر جو ڪوئلو پوري ملڪ جي تقدير بدلائي رھيو آهي پر ڪمپنين مقامي ماڻھن سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي، اھڙو اظھار ٿر ڪوئلو ائڪشن  ڪميٽي جي ڪنوينر ڪامريڊ نند لال مالھي پريس ڪلب نئون ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيو تـ ڪمپنين جي انتظاميا  ۾ مقامي ماڻھن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ،ڪمپنيون ٿر کي فتح ٿيل علائقو سمجھي رھيون آهن ھن وقت ٿر ڪول جي ٻن بلاڪن جا پاور پلانٽ  ھلي رھيا آهن بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو جي ڪمپنين جا واعدا کوکلا ثابت ٿيا آهن پڊ، مندر، مسجدون چراگاھ نـ ڏنا ويا آهن واحد ڳوٺ سينھري درس جيڪو مڪمل طور خالي ڪرائي نيو سينھري وليج ٺاھيو ويو آهي جنهن ۾ به ڪافي ڳوٺاڻن کي گھر نه مليا آهن هن چيو ته  مقامي ماڻھن کي ليبر جو ٺيڪيدار، سپروائيزر يا ايڊمنسٽريٽر به نٿو بڻايو وڃي مقامي ماڻھن کي نوڪرين ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪمپنين جي سختين سبب مقامي ماڻھون مرڻي پرڻي پنھنجي ماڳ نٿا پھچي سگھن ڪمپنيون خود چوري ۾ ملوث آهن پر مقامي ماڻھن تي ڪوڙا الزام ھڻي رھيون آهن۔  جڏهن تـ اھڙي ڪا بـ صورتحال نـ آهي ھيڏي سيڪورٽي  ۾ عام مقامي ماڻھون ڪيئن ٿو چوري ڪري سگھي ان سلسلي ۾ ٿر ڪول ايڪشن  ڪميٽي  طرفان 2 جون تي اسلام ڪوٽ ۾ ھڪ ڪانفرس ڪوٺائي وئي آهي ڪانفرس ۾ اديبن صحافين دانشورن سماجي سياسي اڳواڻن  ٽيڪنو ڪريٽ سميت ڪمپنين کي پڻ مدعو ڪيو ويندو مقامي ماڻھن ۽ ساڃان وند سان گڏجي ڪانفرس ۾ اڳتي جو لائحـ طئـ ڪيو ويندو ٿر جو ڪوئلو مقامي ماڻھن جي ملڪيت آهي ان جي رائلٽي سميت سڄي ٿرپارڪر کي مفت بجلي ڏني وڃي ۽ وڌ کان وڌ روزگار مقامي ماڻھن کي ئي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.