ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس سان گڏ آپريشن ڪيو:چيف آف ڪلپر

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڊيرا بگٽي سان تعلق رکندڙ چيف آف ڪلپر جلال خان جي جوان پٽ عبدالرحمان کي هلندڙ مهيني ۾ قتل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پوليس دعويٰ ڪئي ته عبدالرحمان جو قاتل هڪ ڪارروائي ۾ مارجي ويو آهي پر جلال خان پوليس جي ان بيان تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي،هڪ نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي ۾  بگٽي قبيلي جي نوجوانن پوليس سان گڏجي رضاڪاراڻي طور تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ حصو ورتو آهي، اسان کي سنڌ پوليس سان شڪايت آهي،سوشل ميڊيا اطلاعن مطابق ڪچي ۾ بگٽي قبيلو پنهنجو آپريشن ختم ڪري واپس موٽي ويو آهي

نوٽ: هيءَ خبر، روزاني عوامي آواز، اربع 08 مئي 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.