زمينن تي قبضن، وسيلن جي ڦرلٽ خلاف شاگردن کي اڳيان اچڻو پوندو:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(آريسر) پاران جسقم چيئرمين ۽ نامياري دانشور عبدالواحد آريسر جي ياد ۾ سائنس، فلسفي ۽ سياست جي موضوعن تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ "سائنسي سيمينار” منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومپرست ۽ ترقي پسند شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن، سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پورهيت مزاحمت جي صدر مسرور شاهه فلسفي جي اهميت ۽ سماجي  ڪارج تي ڳالهائيندي چيو ته دنيا جي تاريخ سوال ڪندڙن مٿان ظلم ۽ جبر سان ڀري پئي آهي، جڏهن سوال اٿن ٿا ته نه صرف سياسي، قومي، طبقاتي ۽ بنيادي انساني حقن جي لاءِ آواز اٿڻ شروع ٿيندا آهن، پر تحريڪون جنم وٺنديون آهن. هن چيو ته سياست کي سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جا شاگرد باشعور آهن، ڪيترن ئي رنڊڪن جي باوجود هو سياسي طور تي اڳڀرا آهن. جساف آريسر جي مرڪزي صدر اسد سنڌيار ۽ جنرل سيڪريٽري علي عمراڻي چيو ته جساف سمجهي ٿي ته سائنسي ۽ سياسي سوچ ئي سنڌ جي قومي تحريڪ کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي، قومي غلامي، ظلم، جبر ۽ ناانصافين تي ٻڌل سماج جو خاتمو شاگرد ئي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن جا دروازا سياسي شعور جي لاءِ بند ڪيل آهن، سياست ۽ قومي حقن تي ڳالهائڻ ڏوهه آهي، شاگردن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، هاسٽلن تي چڙهايون ڪري شاگردن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ شاگردن کي روڪڻ جي لاءِ ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ قومي سوال تي چٽو رهندڙ شاگردن کي اڳيان اچڻو پوندو. جساف آريسر جي اڳواڻ فدا جکري چيو ته شاگرد مزاحمت جي علامت آهن، سياسي تحرڪ ۽ عوامي سجاڳي شاگردن جي ذريعي پيدا ٿي سگهي ٿي، عبدالواحد آريسر شاگردن کي ئي وڏي طاقت سمجهندو هو، اهو ئي سبب هو ته عبدالواحد آريسر شاگردن وچ ۾ رهندو هو، هو پنهنجون سياسي سرگرميون شاگردن سان ئي ڪندو هو، شاگرد سڀا جي اڳواڻ زاهد ڪيريو چيو ته قومي تحريڪ سان لاڳاپيل شاگرد اڳواڻ سنڌ جي قومي سوال تي سدائين چٽا رهيا آهن ۽ مضبوطي سان پنهنجي ان سياسي نقطه نظر ۽ نظريي سان بيٺا رهن ٿا. پي آر ايس ايف جي اڳواڻ عاقب رتڙ چيو ته سنڌ جا اسڪول وڏيرن ۽ سردارن جون اوطاقون بڻيل آهن، اڄ سنڌ جون حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته شاگرد سياست زور وٺي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سائنسي بنيادن تي تعليم نٿي ڏني وڃي، شاگردن کي پروفيسرن کان سائنسي سوال ڪرڻ تي به امتحان ۾ سپلي لڳڻ جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي، سنڌ جي شاگردن کي سائنس ۽ سياست کان پري رکڻ جون سازشون ورهين کان ٿينديون پيون اچن. جساف جي اڳواڻ علي رضا بروهي چيو ته تاريخ کي ڏسجي ته خبر پوندي ته بنگال جي سياست جو بنياد رڳو ٻولي کي اهميت نه ڏيڻ ڪري مضبوط ٿيو، پر سنڌ جي شاگرد سياست جا بنياد قومي آجپي واري نقطي تي بيٺل آهن، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، يونيورسٽين اندر شاگردن تي ٿيندڙ ظلم، زمينن، جبلن ۽ ٻيٽن تي قبضن خلاف جساف ميدان تي رهي آهي. جساف(بشير خان) جي اڳواڻ دريا خان پنهور چيو ته شاگرد ڪنهن به قوم ۾ ريڙهه جي هڏي واري حيثيت رکندا آهن، جيڪڏهن شاگرد سياسي طور تي باشعور نه هوندو ته اهو قوم جو نقصان آهي، قومي سياسي سوچ رکندڙ تعليم يافته شاگردن کانسواءِ قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، شاگرد سياست ترقي جي ضامن آهي، پر سنڌ اندر شاگرد سياست جي آڏو بند ٻڌا ويا آهن، يونيورسٽين اندر سياست تي ڳالهائڻ تي بندش آهي. هن چيو ته سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري ۽ مذهبي فسادين جي ڪري سنڌ جي شاگردن وڏو ڀوڳيو آهي. شاگرد اڳواڻ زاهد لطيف ڪيريو چيو ته نصاب جي تبديلي شاگرد جو پهريون مسئلو آهي. شاگرد اڳواڻ فدا جکرو چيو ته سنڌ جي درسگاهن کي مقتل گاهه ۽ قيد خانن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اسان شاگرد سياست ۽ انهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪندا آهيون ته ڏوهاري بڻجي وڃون ٿا، ڇو ته سنڌ دشمن ڌريون شاگردن کان ڊنل آهن. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.