ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر عارف ساقي تشدد ڪندڙ نوجوان ڪونين شاهه سان ٺاهه ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، ڪونين شاهه گذريل رات پروفيسر عارف ساقي سان سندس گهر وڃي ملاقات ڪئي ۽ معافي گهري، جنهن تي پروفيسر ساقي نوجوان کي معاف ڪري ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پروفيسر عارف ساقي ٻڌايو ته حادثي ۾ سندس ڀائٽي جي گاڏي کي پهتل نقصان جو ازالو به ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته تشدد واري ڪيس ۾ جوابدار ڪونين شاهه ضمانت تي آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر عارف ساقي ۽ مٿس تشدد ڪندڙ نوجوان ڪونين شاهه ۾ ٺاهه ٿي ويو
You might also like