اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي ترجمان شڪيل ترابي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم ليوي بابت ڪا خاطري ڪرائي ٿي ته جماعت اسلامي جو لانگ مارچ ملتان ۾ ئي روڪي سگهجي ٿو.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري شڪيل ترابي چيو ته حڪومتي وزيرن لانگ مارچ هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا جماعت اسلامي قبول نه ڪئي.
هن چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال ۽ راڻا ثناءُ الله جماعت اسلامي سان رابطي ۾ آهن، جڏهن ته حڪومتي وزيرن طرفان اها ڳالهه به ڪئي وئي آهي ته جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي آمريڪا ۾ موجود وزيراعظم شهباز شريف سان اڄ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي سگهجي ٿي.
شڪيل ترابي موجب، جيڪڏهن وزيراعظم طرفان پيٽروليم ليوي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ بابت ڪا خاطري ڪرائي وڃي ٿي ته هن وقت ملتان پهچڻ وارو لانگ مارچ اتي ئي ان مدي تائين روڪي سگهجي ٿو، جيستائين وزيراعظم طرفان ليوي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائن گذري نه وڃي.
جماعت اسلامي جي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت کي خدشو آهي ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڊگهو ٿي ويو ۽ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پاڻ ۾ گڏ ٿي ويون ته حڪومت لاءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي قيادت کين خاطري ڪرائي آهي ته ٻنهي جماعتن جا مطالبا الڳ الڳ آهن، تنهن هوندي به ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪن ٿيون.
پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جو مارچ، پي ٽي آءِ جي موقف جي به حمايت، حڪومت تي دٻاءُ وڌڻ لڳو
You might also like