سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، فائرنگ،3 شاگردن سميت 7 ڄڻا زخمي

ڄامشورو( رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ اڳيان پ پ سپاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالهھ تان ٿيل جهيڙو دوران شاگردن هوائي فائرنگ ڪرڻ سميت ھڪ ٻئي تي لٺين،  ڪرسين، لتن ۽ مڪن جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 شاگرد زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شاگردن کي ڇڏائڻ دوران يونيورسٽي جا 4 سيڪيورٽي گارڊ عرفان ڏاھاڻي، اياز ڀلائي، شھزاد بروھي ۽ شبير بليدي پڻ زخمي ٿي پيا. ان دوران يونيورسٽي انتظاميا فوري طور پوليس کي طلب ڪندي ڪرمنالاجي شعبي جي ٽن شاگردن عادل ڏاھري، ساجد ابڙو ۽ سجاد علي خيبر کي ٻن پسٽلن سميت حراست ۾ ورتو، جن کي بعد ۾ ڄامشورو پوليس حوالي ڪيو ويو، اطلاح تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو خير محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا پهتا جن يونيورسٽي انتظاميا پاران حراست ۾ ورتل ٽن شاگرن کي گرفتار ڪرڻ بعد يونيورسٽي جي انٽرنيشنل ھاسٽل تي چڙھائي ڪري  ٻن شاگردن عرفان جعفري ۽ شڪيل  ابڙو کي گرفتار ڪيو. ھوڏانھن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ( جساف ) سنڌ يونيورسٽي جي اڳواڻن علي رضا بروھي, نادر ڀيلار ۽ ٻين گڏيل طور تي يونيورسٽي ۾ ٿيل فائرنگ واري واقعي کي سازش قرار ڏيندي بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هٿ وٺي اداري جو ماحول خراب ڪرائي رهي آهي ، مادر علمي جو تقدس ڪنهن به ريت ڪنهن به ڌر کي پئمال ڪرڻ نه ڏينداسين،  ڪجهھ ماڻهن جو جواز ڄاڻائي هاسٽل اندر وردي پوش بندوق بردارن جي چڙهائي سنڌ جي شعور تي چڙھائي سمجهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.