عمران خان کي ڪو به رليف نه ملندو،اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين جو شوشو ختم ٿي ويو

اسلام آباد (عمر چيما+منصور علي خان) ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس دونهيدار ۽ تاريخي هئي، فوج هڪ دفعو ٻيهر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. سندس پريس ڪانفرنس هڪ حد تائين ملڪ جي عدالتي نظام تي به بي اعتمادي جو اظهار آهي، اها نه پاڻ 9 مئي جي ذميوارن کي سزا ڏئي ٿي نه اسان کي ڏيڻ ڏئي ٿي، فوجي عدالتن جو معاملو لٽڪيو پيو آهي. 9 مئي جو واقعو فوج لاءِ نائن اليون هو، ان جو پيغام تمام خطرناڪ هو. اهو حملو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي. فوجي قيادت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي شرپسند سمجهي ٿي، جنهن جو اظهار پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿي ويو ته پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ ڳالهين جو ڪو به امڪان ناهي. ٽوئيٽر تي پابندي به نه هٽندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻين سوشل ميڊيا پيلٽ فارمز لاءِ به ڪي قدم کنيا وڃن. وڏو ظلم ٿي وڃي ته به فوج تي حملو ڪرڻ بدران عدالت ۾ وڃڻ گهرجي. فوج آخري دفاعي لائين آهي جڏهن ان تي حملو ٿي وڃي ته پوءِ ٻاهرين دشمنن ۽ حملو ڪندڙن جي ڪا ضرورت نه آهي. پي ٽي آءِ 9 مئي واقعي کي غير سنجيده بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. پر فوج 9-مئي واقعي کي ڀلائي نه ٿي سگهي ان ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نه ٿي سگهنديون، بهاول نگر واقعي تي  فوج ۽ پوليس وچ ۾ ويڙهه تي ڪميشن ٺهي چڪي آهي، فوج به سڀ حقيقتون مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪيترائي سندن حراست ۾ مري ويا هوندا جن کي هو نه ٿا مڃين ۽ ڪجھ انهن وٽ نه آهن ته به انهن جي کاتي ۾ وڌا وڃن ٿا.جڏهن ته آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل احمد شريف جي پريس ڪانفرنس ۾ وري وري پروپئگنڊا جا لفظ ورجايا ويا. فوج اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيستائين معافي نه ورتي ويندي تيستائين ڪنهن سان به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، پي ٽي آءِ جون ڳالهين واريون ڪوششون دم ٽوڙي ويون. موجوده فوجي قيادت جي هوندي پي ٽي آءِ سان فوج جي ڳالهيون ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. پريس ڪانفرنس مان ظاهر ٿي ويو ته هن وقت فوجي اسٽيبلشمنٽ پي ٽي آءِ کي ڪو به رليف ڏيڻ جي موڊ م ناهي. ان کان اڳ  پي ٽي آءِ وارا اهي شوشا ڇڏي رهيا هئا ته فوج سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن پر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ اهڙين ڳالهين کي رد  ڪيو ويو. پي ٽي آءِ لاءِ جيڪا پوزيشن سال اڳ 9 مئي تي هئي، اڄ به بلڪل اها ئي ساڳي پوزيشن آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. 9 مئي تي پي ٽي آءِ کان وڏي غلطي ٿي، سندن اڳواڻن جو موقف هو ته عمران خان کي عدالت مان اغوا ڪيو ويو، جنهن جي ردعمل ۾ اهڙو واقعو پيش آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.