جهول ڀرسان شاگردياڻي سان زيادتي الزام ۾ استاد گرفتار، ڪيس داخل

جهول(رپورٽ: غلام نبي ملوڪاڻي)  جهول لڳ ڳوٺ قاسم ڪيريو جي رهواسين استاد مٿان شاگردياڻي کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو جهول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس اهڙو ڪيس داخل ڪري الزام  هيٺ آيل استاد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. متاثر نياڻي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا آهن. 14 ورهين جي نياڻي جي والد ممتاز ڪيريو ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس نياڻي  گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير پريل خان ٽالپر ۾ پڙهندي آهي. جنهن دوران اسڪول جو استاد ابراهيم ڪيريو سندس نياڻي پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي کي مسلسل چار مهينن تائين جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندو رهيو. جنهن ڪري سندس نياڻي کي حمل ٿي ويو. معاملي کي لڪائڻ لاءِ محمد ابراهيم ڪيريو سندس ڌيءَ کي سانگهڙ سول اسپتال جي نرس ۽ جھول رورل هيلٿ سينٽر جي نرس سان ملي ڀڳت ڪري کين ڳري رشوت ڏئي حمل ضايع ڪرايو. جنهن بعد بلڊ نه بيٺو ڇوڪري بلڊ هلندڙ جي حالت ۾ گهر پهتي. نياڻي جي حالت ڏسي سندس امڙ پڇو ته  ڌيءَ رڙيون ڪندي پنهنجي ماءُ کي حقيقت کان آگاهه ڪيو. هوڏانهن پوليس ابراهيم ڪيريو مٿان زنا جو ڪيس داخل ڪيو ۽ شاگردياڻي کي ڊي اين جا پوليس جي نگراني ۾ سانگهڙ سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عائشه جزا ورتا. جڏهن ته جھول پوليس حمل ضايع ڪندڙ رورل هيلٿ سينٽر جھول ۽ سانگهڙ اسپتال جي نرس جي وارثن کان ڳري رشوت وٺڻ عيوض جھول پوليس کين قانون جي ڪٽهڙي کان آجو ڪري ڇڏيو. ٻڌايو وڃي ٿو ته حمل ضايع ڪرڻ وارو قلم جھول پوليس ايف آئي آر ۾ ناهي ڄاڻايو. ٻي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته شاگردياڻي جي مسڪين وارثن کي علائقي جا ڀوتار ٺاھ ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. جيئن استاد محمد ابراهيم ڪيريو جو راڄوڻي طور فيصلو ڪري کيس آجو ڪرائي سگهجي.

  1. ابراهيم ڪيريو وڏيرن خلاف سوشل ميڊيا تي لکندو هو: ڪاشف بجير

حيدرآباد(رپورٽر) سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير، جهول لڳ ڳوٺ قاسم ڪيريو ۾ پرائمري استاد ابراهيم ڪيريو تي مبينا طور تي هڪ نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي الزام تي ڪيس داخل ڪري ابراهيم ڪيريو کي گرفتار ڪرڻ بابت پنهنجي فيسبڪ پيج تي لکيو آهي ته ھن ڪيس تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آھي،پوليس کي جاچ شفاف انداز ۾ ڪرڻ گهرجي، ابراھيم ڪيريو  گذريل ٽن ڏهاڪن کان سوشل ايڪٽوسٽ آھي ۽ آئون به ھن کي 15 سالن کان سڃاڻان ٿو، ھن جو ڪردار ھيستائين صاف رھيو آھي ۽ ھن الزام کانپوءِ ھو جائز توڙي ناجائز  بدنام ته ٿي ويو آھي، پر تنهن هوندي به آئون سمجهان ٿو ته جاچ شفاف هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ابراهيم ڪيريو ڏوهاري آهي ته ان کي سزا ملڻ گهرجي. هن لکيو ته چون ٿا ته ڳوٺ ۾ مائٽن ابراهيم ڪيريو کي ايڏو ته تنگ ڪيو جو هو ڪرائي وارو گھر وٺي شھدادپور رھيو، بهرحال جيڪڏهن جاچ کانپوءِ ڏوھه ثابت ٿئي ته ٻار سان به انصاف ٿئي، ٻي صورت ۾ وڏيرا آرڊر ڏئي ڪنھن کي بيھاري ڪھڙي  به ڪيس ۾ ايف آئي آر ڪرائي سوشل ميڊيا تي خوار ڪري جيل موڪلي ڇڏين ته اھو ڪم آسان آھي، ڪڏھن اسين به ان جو شڪار ٿي سگھون ٿا، جيستائين صحيح ۽ غلط ثابت ٿئي تيستائين انتظار ڪيو، تنهن ڪري مھرباني ڪري تصديق ڪري ڪنھن جي خلاف قدم کڻو ۽ اسان جو مطالبو آھي ته سٺا پوليس آفيسر ھن ڪيس جي  جاچ ڪن، جيڪڏھن ڏوھه ثابت ٿئي ٿو ته ان فيصلي کي سڀ مڃينداسين. هوڏانهن سماجي اڳواڻ ڪاشف بجير کان سندس ان پوسٽ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن تي هن ٻڌايو اها پوسٽ سندس ئي آهي. هن چيو ته ابراهيم ڪيريو مقامي وڏيرن خلاف فيسبڪ تي به گهڻو ڪجهه لکندو هو، هو وڏي عرصي کان انساني حقن، عورتن ۽ ٻارڙن تي ٿيندڙ ظلم خلاف به آواز اٿاريندو رهيو آهي، معاملو ايڏو سادو به ناهي، ان ڪري شفاف جاچ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.