ڳڙهي ياسين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي، ڌرڻو

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي )  گذريل ڏينهن شڪارپور ضلعي جي  ڳڙھي ياسين تعلقي ۾ مختلف برادرين جي جهيڙن ڳڙھي ياسين شهر توڙي ڀرپاسي جي علاقن جو امن امان تباه ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ت ڳوٺن جي جهيڙن جو پلاند شهر ۾ ڪن ٿا جنهن ۾ ڪيترائي  رستي ويندڙ ماڻھون گولين جو کاڄ بڻيا آھن ،گذريل ڏينهن صبح جو مهر ۽ ممڻاڻي معرفاڻي برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان مهر برادري جي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳڙھي ياسين جي وچ شھر ۾ ڊکڻ ناڪي تي ديناري ھوٽل تي حملو ڪري انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني ، فائرنگ جي نتيجي سبب هوٽل تي ويٺل چانهه پيئندڙ 2 گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت آصف علي پٽ محمد عمر ممڻاڻي معرفاڻي ، محمد علي ولد باز محمد ممڻاڻي معرفاڻي ويٺل ڳوٺ کنڊ معرفاڻي ۽ هڪ دوڪان تي مزدوري ڪندڙ سعيد احمد جمالي پٽ ارباب جمالي ڳوٺ امروٽ شريف گولين لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويا جڏهن ت هڪ پورهيت شبير احمد ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو ، اهڙي واقعي سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ شھر ۾ سخت خوف حراس ڦھلجي ويو ۽ مختلف برادرين ۾ هلندڙ جهيڙن سبب چند منٽن ۾ شهر ماڻھن کان خالي ٿي ويو ، اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ شرط ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين خدابخش پنهور ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين قمرالدين تنيو پوليس ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جي لاشن ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال آندو جتي زخمي کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد شڪارپور موڪليو جڏهن ت ٽنهي مقتولن جي لاشن کي پوسٽ مارٽم بعد جمالي برادري جي لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن کي وارث ڳوٺ امروٽ شريف کڻائي ويا جڏهن ت ٻن ممڻاڻي معرفاڻين جا لاش وارث عورتن حوالي ڪيا معرفاڻي برادري جي عورتن ٻنهي نوجوان مقتولن جا لاش کڻي کيرٿر ڪئنال جي پل تي رکي روڊ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن کين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ سخت گرمي ۾ مسافر سخت پريشان رهيا ، اڌ ڪلاڪ دوران ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين عورتن سان ڳالهايو جنهن بعد مقتولن جي وارثن سان فون تي ڳالهائي قاتلن جي گرفتاري جي يقين دهاني تي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو ويو ، نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقو سوڳ ۾ ورتل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.