دادو(ن ع آ ) بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ حيدرآباد جا ساليانو امتحان شروع ٿي ويا آهن، 9 ڪلاس ۽ 10 ڪلاس جا پيپر شروع ڪيا ويا آهن، تعليم کاتي مطابق 9 ۽ 10 جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ضلعي دادو ۾ حيدرآباد تعليمي بورڊ پاران 27 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن تعليم کاتي سميت ضلعي انتظاميه پاران امتحاني سينٽرن تي سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري اميدوار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون امتحان دوران پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، امتحاني سينٽرن تي سڪيورٽي جا انتظام اڻپورا آهن اميدوارن دانهيو ته سينٽرن تي بجلي معطل هجڻ سبب سخت گرمي ۾ امتحان ڏيڻ سان ڏکيائي پيش اچي رهي آهي پيئڻ جي پاڻي سميت فرنيچر جي به سهولت فراهم نه ڪئي وئي آهي فرنيچر جي کوٽ سبب هڪ بينچ تي 3 کان 4 اميدوارن کي گڏائي ويهاريو ويو آهي، تعليم کاتي جون اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي امتحاني سينٽرن تي سهولتون فراهم ڪن، حيدراآباد تعليمي بورڊ پاران جلدي اهڙا اپاءُ ورتا وڃن جنهن سان اميدوارن جي امتحان دوران سهولتون مهيا ٿي سگهن.