اوٻاوڙو ويجهو ڌاڙيلن هٿان چوڪيدار ۽ ٺيڪيدار قتل، پنجاب پوليس هٿان هڪ ڌاڙيل مارجي ويو

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو لڳ رات دير سان 10کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي رحيم آباد واري علائقي ۾ زرعي فارم تي چاڙهائي ڪري  زرعي فارم جي  چوڪيدار ڪشمور جو رھواسي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي چوڪيدار ڪوڙو جکراڻي کي گوليون ھڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو ڌاڙيلن زرعي فارم جي ٺيڪيدار حسيب پرهياڙ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي وڃي رهيا هئا ته اطلاع تي ڀنگ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ لنڊ گينگ جو هڪ ڏوهاري منظور لنڊ موقعي تي مارجي ويو.  ڀنگ پوليس موجب ته لنڊ گينگ جي ڏوهارين زرعي فارم تي حملو ڪيو جنهن ۾ چوڪيدار کي قتل ڪرڻ بعد ٺيڪيدار کي اغوا ڪري ڪچي طرف وٺي وڃي رهيا ته پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ لنڊ گينگ جو هڪ ڏوهاري منظور لنڊ مارجي ويو جڏهن ته ڌاڙيل عيسي لنڊ، بشير لنڊ شديد زخمي ٿي پيا  زخمي ساٿين کي ڏوھاري کڻي ويا  جڏهن ته ڏوهارين مغوي ٺيڪيدار حسيب پرهيار کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي، مارجي ويلن جي لاشن کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي پوسٽ مارٽم  بعد چوڪيدار ۽ مغوي جي لاشن کي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارجي ويل ڌاڙيل جو لاش رحيميار خان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.