ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي اڳوڻي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي ٽوئٽر ايڪس کي فحش سائيٽ قرار ڏيندي کيس مڪمل بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جان اچڪزئي ‘ايڪس’ کي فحش ويب سائيٽ قرار ڏيڻ وارو بيان به ايڪس ذريعي پوسٽ ڪيو. جان اچڪزئي لکيو ته ”وي پي اين کان رسائي (ايڪس تائين) کي به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽوئٽر هڪ فحش سائيٽ آهي،جنهن جو بند ٿيڻ بهتر آهي“. هن وڌيڪ لکيو ته ايڪس کي بند ڪيو وڃي ته پاڪستان ۾ امن اچي ويندو، شڪر آهي ته اهو بند ٿيڻ وارو آهي، حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، جعلي اڪائونٽس بند ڪيا وڃن.