حيدرآباد ۾ گاڏي کي باهه، سي اين جي اسٽيشن جو ملازم سڙي فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ سي اين جي اسٽيشن تي گئس ڀرائڻ دوران گاڏي کي باھه لڳي وئي، سي اين جي جو ملازم سڙي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ گاڏي به سڙي رک ٿي وئي. بلديا ٿاڻي جي حد ڄامشورو روڊ تي واقع الشفا سي اين جي اسٽيشن تي ڪيري گاڏي ۾ گئس ڀرائڻ دوران اوچتو گاڏي کي باھه لڳي وئي، باھه لڳڻ سبب ڪيري گاڏي مڪمل طور تي سڙي وئي، گاڏي کي لڳل باھه وسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سي اين جي جو ملازم 30 ورهين جو عبدالرئوف سڙي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پھچي سي اين جي ملازمن سان گڏجي گاڏي کي لڳل باھه وسائي، ھوڏانھن باھه ۾ سڙي زخمي ٿيل ملازم کي کڻي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ھن کي طبي امداد ڏني وئي، پر ھن حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻڌايو پئي ويو ته باھه ۾ سڙيل گاڏي اسڪول جا ٻار کڻندي ھئي، واقعي کان اڳ ڊرائيور ٻارن کي اسڪول کان کڻي گھرن ۾ ڇڏڻ کانپوءِ گاڏي ۾ گئس ڀرائڻ لاءِ سي اين جي اسٽيشن تي پھتو هو، جتي گئس ڀرائڻ دوران اھو واقعو پيش آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.