ڪنڌڪوٽ ۾ وسيلن تي قبضن،لاقانونيت،پريا ڪماري جي اغُوا خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو+ ممتاز سنڌي )  ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي اچو ته سنڌ سنواريون جي نعري ھيٺ ڪنڌڪوٽ ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت زبردست ريلي ڪڍي وئي.شريڪ ماڻھن پلي  ڪارڊ،جھنڊا،بنير کڻي گھنٽا گھرکان پريس ڪلب تائين ڄام عبدالفتاح سميجو،عبدالرزاق لاشاري، اڪرم باجڪاڻي،منظور کوسو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جون زمينون، ٻيٽ،ڪارونجھر جبل کپائڻ،ڌارين جي آبادڪاري،لاقانونيت،مھنگائي، ڪرپشن ،بي روزگاري،پرياڪماري سميت ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ گھوٽڪي جي ڪچي ۾ بگٽي ھٿياربندن جي يلغار خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڄام عبدالفتاح سميجو،عبدالرزاق لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌ حڪومت نالي ڪا شيءِ نظر نه ٿي اچي لاقانونيت بدامني بيروزگاري ڪرپشن ۽ منشيات جو ڪاروبار عروج تي آھي.اغوا ڦر ڌاڙا قتل روز جو معمول بڻيل آھن.شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آھن. پروفيسر اجمل ساوند کي شھيد ڪيو ويو ھو ان جا به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.سنگرار مان اغوا ڪيل ٻارڙي پريا ڪماري کي ٽي سال گذري ويا آھن پر اها سنگرار جي سيدن وٽ قيد ٿيل آھي ان کي ھن وقت تائين بازياب نه ڪرايو ويو آھي. انھن چيو بدامني سبب ٽن چئن ضلعن ۾ ڏينهن جو ماڻهون رستن تي سفر نه ٿو ڪري سگھي روڊ رستا محفوظ نه آھن ھٿ سان وٺي ڪجه ضلعا ھٿ سان تباھه ڪيا ويا آهن . سنڌ زمين ڦٻائڻ لاءِ ھي اسان جا حڪمران سنڌ حڪومت ملوث آھن ھو چاھين ٿا ته قبائلي جھڙا ٿين ته جئين جواز پيدا ٿئي جئين ھي زرخيز پٽي جئين وڪڻي کپائي ڇڏيون.  هنن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ دشمن آھي ڪراچي جا ڳوٺ ڊاهڻ شھر جي نالي تي ڪالوني بحريا ٽائون ڊي ايڇ اي ٺاھن ۽ قبضا ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.