شير افضل جو پي ٽي آءِ جي موجودا قيادت سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شير افضل مروت پي ٽي آءِ جي موجودا قيادت سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته ملاقاتن ۾ رنڊڪ جيل انتظاميا وجهي سگهي ٿي يا جيڪي مٿي ويٺا آهن اِهي به ڪري سگهن ٿا، ڪالهه پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ آيو هئس ملڻ نه ڏنو ويو، اڄ به ساڻس ملاقات نه ڪرائي وئي.
سندس چوڻ هو ته هن جو پي ٽي آءِ باني سان ملڻ ضرورت هو پر عمر ايوب ۽ شبلي فراز عمران خان سان نه ملڻ ڏنو، شبلي فراز موجب ن ليگ چيو ته شير افضل مروت جو نالو ڏنو ويو جيڪو اسان کي قبول نه آهي.
هن اِهو به چيو ته سعودي سفير جي اعتراض جي بنياد تي پي اي سي چيئرمين جي نامزدگي ختم ڪري تذليل ڪئي وئي، ان عهدي ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي.
شير افضل چيو ته عهدن جي ڪا به لالچ ناهي، پي ٽي آءِ کي ان وقت پنهنجي پيرن تي کڙو ڪيو جڏهن اِها مئل گهوڙو بڻجي وئي هئي، عمران خان لاءِ ڪڏهن به ڏکيائيون پيدا نه ڪندس، پي ٽي آءِ باني کي آگاهه ڪيو هوته اٺ فيبروري کان نشانو بڻايو پيو وڃي، تذليل قبول ناهي، پارٽي جي آفيشل ميڊيا ٽيم به منهنجي خلاف آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني مون کي پوليٽيڪل ڪميٽي جو ميمبر بڻايو هو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ووٽنگ ڪرائي هٽايو ويو .
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪيشن وڙهڻ جو ڪو ارادو نه هو، پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي چونڊ وڙهي، عمران خان جي ڪري ميدان ۾ آيو هئس، آزاديءَ لاءِ نڪتو هئس، جنهن ايجنڊا لاءِ نڪتو هئس اِها ايجنڊا اڄ ختم ٿي وئي، هو اچن ۽ قيادت ڪن مان سندن پيروي ڪندس، هو پنهنجو بيان ڏين پوءِ مان سندن ڪرتوت وائکا ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.