بشريٰ بي بي جي درخواست منظور، کيس بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي جي بابت درخواست منظور ڪندي کيس اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب بشريٰ بي بي جي درخواست تي ڪجهه ڏينهن اڳ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ بشريٰ بي بي کي بني گالا سب جيل ۾ رکڻ بابت 31 جنوري جو چيف ڪمشنر اسلام آباد جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي بشريٰ بي بي کي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ۾ جيل اختيارين جيل ۾ گنجائش نه هئڻ ۽ سڪيورٽي اشو سبب منتقلي نه ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو هو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست داخل ڪرائي هئي،.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.