سنڌ ۾ هٿ وٺي گهرو ويڙهه جون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن:جماعت اسلامي

ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ گهوٽڪي جي ڪچي (رانوتي) ۾ بدنام زمانه شَر گينگ خلاف پنجاب پوليس ۽ ڪلپربگٽي قبيلي جي ڪاروائي تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي  جي 16 سالن کان قائم حڪومت ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ کي ڌاڙيلن، رهزنن ۽ گينگسٽر حوالي ڪري ڇڏيو آهي، سردارن، ڀوتارن ۽ مقامي وڏيرن سميت پوليس فورس ۾ موجود ڪارين رڍن جي ڏوهارين کي سرپرستي حاصل آهي هن چيو ته  تازو جيڪب آباد مان هڪ صوبائي مشير جي سيڪورٽي اسڪواڊ واري گاڏي مان جديد ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ اچڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ڪيتري سنجيده آهي. سنڌ ۾ امن ڪرائي هرقسم جي ڏوهن تي ضابطو ۽ ڏوهارين کي لغام ڏنو وڃي، سنڌ ۾ هٿ وٺي گهرو ويڙهه جون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن جنهن سان وڏي پيماني تي رتوڇاڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته گُذريل ڏِينهن جَلال ڪلپر بُگٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ خانگي هَٿياربَندن جي جَٿن رانوتي جي ڪچي ۾ ڪاهه ڪري ڏِني، جَنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اُهي به اطلاع آهن ته بُگٽي هَٿياربَندن سان سنڌ پوليس ۽ پَنجاب پوليس جا اهلڪار به گڏ هُئا، جَن جي ڪمانڊ جَلال ڪلپر بُگٽي ڪري رَهيو هو.سنڌ حُڪومت هر روز اعلان ڪندي رَهي ٿِي ته اَمُن امان جي مُعاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، آپريشن تيز ڪيو ويندو۽ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندوتازو گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس ۽ ڪلپر بگٽي قبيلي جي سوين هٿياربند ماڻهن پاران شَر قبيلي سان تعلق رکندڙ ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي جي نتيجي ۾ ڪچي ۾ موجود لکين ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، رياستي ادارن، سنڌ پوليس ۽ حڪومت جي ناڪامي جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ ۾ گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي جنهن جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت، صُوبائي گهرو وزير، وَفاقي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز، ۽ ٻين واسطيدار عَملدارن مٿان عائد ٿئي ٿي. سنڌ حُڪومت  پاران ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن تيز ڪرڻ ڏوهارين، ڌاڙيلن، ۽ اغواڪارن جو خاتمو آڻڻ جون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي چڪيون آهن.حقيقت هِي آهي ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، شڪارپور جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ضلعن جُون حالتون اڳي کان وڌيڪ خراب آهن، هن چيو ته  گهوٽڪي جي رانوتي جي ڪچي واري عِلائقي ۾ پنجاب پوليس ۽ ڪلپربگٽي قبيلي پاران جيڪا ڪارروائي ڪئي وَئي، اُها ڪنهن به طرح قبول ڪرڻ جوڳي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.