سانگهڙ لڳ 7 ٻارن جي ماءُ ويڳي پٽ هٿان قتل

سانگهڙ(رپورٽ:محمد حسين بلوچ) سانگهڙ جي چڪ نمبر 7 واري علائقي ۾ 7 ٻارن جي ماءُ کي ويڳي پٽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته منگلي ٿاڻي جي حد ۾ منير مري نالي شخص پنهنجي ڌيءُ جي گهر ترسيل عورت فرزانه ڀٽي کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ مقتولڻ جي ڌيءُ سونيا جو چوڻ هو ته هوءَ ۽ سندس ماءُ گهر ۾ ويٺيون هيون ته گهر ۾ سندس ويڳو ڀاءُ منير آيو، جنهن کي سندس ماءُ چانهن پيئڻ لاءِ ويهاريو. هوءِ چانهن ٺاهڻ لاءِ وئي ته منير  فائرنگ ڪري ماءُ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. سونيا جو چوڻ هو ته سندس ماءُ جي منشا مري سان شادي ٿيل هئي. جنهن بعد سندس والد منشا سندس ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. جنهن بعد ماءُ فرزانه چڪ نمبر 7 جي رهواسي قلندر بخش مري سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان کيس 5 ٻار آهن. جڏهن ته قلندر بخش جي پهريان به شادي ٿيل هئي، جنهن مان کيس منير مري ۽ ٻيو اولاد آهي.هن ٻڌايو ته سندس ويڳو پيءُ قلندر بخش به قتل ٿي ويو هو. تنهن کان پوءِ سندس ماءُ فرزانه ۽ هوءَ گڏجي هڪ جاءِ ۾ رهنديون هيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.