ننڍڙا ڪپڙا پهريندڙ عرفي جاويد کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ادڪارا عرفي جاويد کي دبئي وڃن کان روڪيو ويو جنهن تي هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد سوشل ميڊيا تي پوسٽ ذريعي ٻڌايو ته کيس دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي پر ان جو سبب سندس ڪپڙا نه ڪجهه ٻيو آهي ته ڀارتي قونصليٽ جون نيون گائيڊلائينز فالو ڪرڻيون آهن.

اداڪارا نين گائيڊ لائنز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجو آفيشل نالو رڳو عرفي آهي ۽ منهنجو ڪو سر نيم ناهي.

عرفي جاويد سوشل ميڊيا تي پنهنجي پاسپورٽ جي تصوير به جاري ڪئي.

ميڊيا جو چوڻ هو ته پاسپورٽ تي عرفي جي نالي جي اسپيلنگ به مختلف لکيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.