سوشل ميڊيا تي پيار جو اظهار نوجوان کي ڳچي ۾ پئجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي نوجوان نوجوان کي سوشل ميڊيا تي پيار جو اظهار ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب چوڏهن سالن جي ڇوڪري پنهنجي هم ڪلاس ڇوڪري جي مختلف تصويرن جي هڪ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي کانئس شادي ڪرڻ جو سوال ڪيو ۽ ان سان گڏ ڇوڪري کي شادي کان انڪار جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون.

ڇوڪرَي طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پنهنجي وڊيو ڏسڻ تي ڇوڪرِي پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻڌايو جنهن کانپوءِ انهن ڇوڪَري جي دانهن کڻي ٿاڻي پهتا.

پوليس موجب نينگر جي ماءُ پيءُ کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي پر جيئن ته ٻارن جا امتحان هلي رهيا آهن اهو ئي سبب آهي ته ماءُ پيءُ کي امتحان ختم ٿيڻ کانپوءِ پُٽ سميت ٿاڻي تي گهرايو ويو آهي جنهن کانپوءِ ڇوڪري خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.