راونتي ۾ نينگر سميت ٻن ڄڻن کي آپريشن دوران ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو/اوٻاوڙو/راونتي (نمائندن وٽان) راونتي جي ڪچي ۾ پوليس هڪ نينگر  سميت ٻن ڄڻن کي آپريشن دوران ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي.رپورٽ موجب رانوتي لڳ ڊرنگ چاچڙ  ۾ واردات  جي اردي سان بيٺل ڏوھارين جو اطلاع ملڻ تي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او ايوب ڊوگر جي اڳواڻي ۾ پھتي ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي ئي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، مقابلي دوران 20 ڏينھن اڳ رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويل پنج جوانن جي شھادت ۾ ملوث  بدنام ڌاڙيل راحب شر جا ٻه ساٿي مارجي ويا. مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ سرڪار پاران 50 لک سر جي قيمت رکيل حاڪم عرف حاڪو شر ۽ آغو شر طور ڪئي وئي جڏھن ته ڏوھارين جي  قبضي مان شھيد ٿيل اھلڪارن جا سرڪاري ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا ويا. هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٻئي ڌاڙيل 6 ڊسمبر تي حملو ڪري ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو  ايس ايڇ او مير پور ماٿيلو سميت پنج پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هئا، هي راحب شر جي گينگ جا خطرناڪ ڌاڙيل هئا.ٻئي طرف مارجي ويل نينگر آغو شر بابت علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس نينگر کي  ٿاڻي تي گهرائي گم ڪرڻ بعد مبينا مقابلي ۾ ماري ڌاڙيل ڄاڻايو آهي، جنهن تي ايس ايس پي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته ڌاڙيل سان گڏ مارجي ويل آغو شر ڌاڙيل هو يا نه ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون. ايس ايس پي چيو ته عوام فيصلو ڪري ته هنن جا هيروز ڌاڙيل آهن يا پوليس آفيسرز، شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ۽ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي وارثن جا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، پوليس ۾ ڪي به ڪاريون رڍون نه آهن.هن چيو ته گھوٽڪي پوليس جي جوانن پنهنجي شهيد آفيسرن جي خون جو پلاند ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ٽارگيٽڊ آپريشن ذريعي مقابلو ڪري حاڪو شر کي مارڻ پوليس جي ڪاميابي آهي، حاڪو شر پوليس آفيسرن جي شھادت ۽ ٻارن جي اغوا ۾ ملوث رهيو.ايس ايس پي گھوٽڪي چيو ته سمورن ڌاڙيلن جي خاتمي تائين ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رهندو،هوڏانهن مارجي ويل آغو شر جي وارثن مقابلي کي جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو. آغو شر جي وارثن جو چوڻ آهي ته آغو شر جو وڏو ڀاءُ ايوب شر ڪجهه وقت قتل ٿي ويو، پوليس آغو شر کي قاتلن جي گرفتاري جو ڪوڙ هڻي گهرايو ۽ کيس گم ڪيو، بعد ۾ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي کيس قتل ڪيو ويو. آغو شر جي وارثن موجب سندن نينگر  کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو، 16 سالن جو نينگر  ڌاڙيل ڪيئن ٿي سگهي ٿو، پوليس  ظلم ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.