ماءُ بولڊ لباس تي اعتراض ناهي ڪندي: سعيده امتياز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سعيده امتياز چيو آهي ته مختصر ۽ بولڊ لباس پائڻ تي ماءُ اعتراض ناهي ڪندي.
سعيده امتياز تازو انسٽاگرام تي مداحن جي سوالن جي جواب ڏنا، جتي کانئس دلچسپ سوال ڪيا ويا.
هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ماءُ منهنجي مددگار آهي ۽ ان ڪنهن به لباس تي ڪو اعتراض ناهي ڪيو.
هن چيو ته مان پنهنجي ماءُ لاءِ اڄ به ننڍڙي آهيان، هوءَ منهنجي هر قسم جي خريداري، لباس ۽ پسند مان مطمئن آهي، خدا مون کي ساٿ ڏيندڙ گهر ڀاتين سان نوازيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.