خيبر پختخونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن الڳ الڳ آپريشنز ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان ڊيرا اسماعيل خان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ان آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
هوڏانهن اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد انعام الله مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، معصوم شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.