ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: برطانوي هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ايترا ٻار اسڪولن کان ٻاهر ناهن، جيترا پاڪستان ۾ آهن.
اسلام آباد ۾ تعليمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جين ميريٽ چيو ته پاڪستان تعليم جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.
هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ايترا ٻار اسڪولن کان ٻاهر ناهن، جيترا پاڪستان ۾ آهن، غربت کي منهن ڏيڻ ۾ تعليم جي اهميت بنيادي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.