گوگل سرچ انجڻ جو متبادل اچي ويو؟

گوگل سرچ جو استعمال سموري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو ڪندا آهن ۽ ٻيون ڪمپنيون هاڻي تائين هن جي مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام آهن.
پر هاڻي گوگل جي سخت مخالفت ٿيڻ واري آهي، دنيا ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندڙ آرٽيفيشل انٽليجنس ( اي آءِ ) چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ سرچ فيچر ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب اوپن اي آءِ طرفان چيٽ جي پي ٽي لاءِ هڪ سرچ فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن بعد اهو چيٽ بوٽ گوگل جو متبادل بڻجي ويندو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني طرفان فيچر لاءِ ويب کان ڊيٽا گڏ ڪري واهپيدارن جي سوالن جو جواب ڏنو ويندو، جڏهن ته سرچ رزلٽس جي ذريعن جو به حوالو ڏنو ويندو.
رپورٽ موجب ممڪن طور تي چيٽ جي پي ٽي اهڙي مقصد لاءِ وڪي پيڊيا يا بلاڪ پوسٽ کان تفصيل حاصل ڪندو.
چيٽ جي پي ٽي طرفان تحريري جوابن سان گڏ تصويرون به ڏيکاريندو، چيٽ جي پي ٽي ۾ هاڻي به سرچنگ آپريشن موجود آهي پر اها سهولت مهيني جي فيس ادا ڪرڻ بعد واهپيدارن کي دستياب آهي پر هاڻي جوابن تي مڪمل اعتماد نه ڪيو ويندو.
اوپن اي آءِ طرفان باظابطا طور تي چيٽ جي پي ٽي جي نئين فيچر جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
واضح رهي ته گوگل طرفان به ا3 آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل سرچ رزلٽس کي سرچ انجن جو حصو بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.