ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم مذاق بڻجي وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت بچيو آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪِٽ تي مداحن طرفان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪِٽ جي مهورتي تقريب ڪئي وئي آهي، ڪٽ جي مهورتي تقريب لاءِ هيلي ڪاپٽر جو استعمال ڪيوويو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ وڏي ٽي شرٽ کي هيلي ڪاپٽر تي ٽنگي هيلي ڪاپٽر فضا ۾ اُڏام ڪئي، جنهن کانپوءِ بي سي سي آءِ آفيشل طور رانديگرن جون نئين ڪِٽ سان تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.
ڪجهه مداح پنهنجي ٽيم جي جرسي جي سپورٽ ڪندي نظر آيا جڏهن ته ڪجهه ٻنهي روايتي مخالفن جي جرسين تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪيا.
ڪيئي واهپيدارن ڀارتي ٽيم جي جرسي کي صرف ايڪسل سان ملندڙ جلندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 24 ڏينهن بچيا آهن، پاڪستاني ٽيم روايتي مخالف ڀارت خلاف نوَ جون تي نيويارڪ ۾مهاڏو اٽڪائيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.