پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو کدڙو فقير ڪنهن سياسي جماعت جي مرڪزي ڪابينا ۾ شامل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن کدڙي فقير کي سياسي جماعت جي مرڪزي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو.
باچا خان مرڪز ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اهتمام هيٺ انٽرا پارٽي چونڊن بابت اجلاس ٿيو، جتي اتفاق راءِ سان سڄي ڪابينا جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
ڪابينا ۾ کدڙي فقير ڊاڪٽر مهرب معيز اعواڻ کي به شامل ڪيو ويو، جيڪو کدڙن فقيرن جي حقن بابت سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏيندو.
ڊاڪٽر مهرب معيز واشنگٽن، آمريڪا ۾ يونيورسٽي مان پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ پوءِ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي.
کدڙو فقير ڊاڪٽر مهرب معيز هن وقت جينڊر انٽرايڪٽو الائنس ۾ پاليسي اينڊ جينڊر ڊائريڪٽر طور به خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، ان کان اڳ هو ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف اسپتالن ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
ڊاڪٽر مهرب معيز جو ڪو ڀاءُ ناهي ۽ 6 ڀينرون آهن، جيڪي سڀئي ڊاڪٽر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.