بولڊ لباس ۾ مردن سان ڀاڪُر! سونيا حسين تنقيد جي ور چڙهي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا سونيا حسين جي هڪ مختصر وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ کيس بولڊ لباس تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ مختصر وڊيو ۾ اداڪارا کي بولڊ لباس ۾ مردن سان ڀاڪر پائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

اداڪارا جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿس تنقيد ڪئي ۽ مٿس بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي فيشن کي فالو ڪرڻ جو الزام به هنيو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪمينٽ ڪيا ته اداڪارا ڀارتي فيشن ۽ لباس کي فالو ڪرڻ سميت پاڻ کي پريانڪا چوپڙا سمجهي ٿي.
ڪجهه مداحن اداڪارا لاءِ سخت ۽ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪيا، جڏهن ته ڪجهه وري اداڪارا جي هدايت جي دعا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.