آئين ۾ واضح آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي: عمر ايوب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي، آئين ۾ واضح آهي ته فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي.
اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته عمران خان سياسي اڳواڻن سان رابطي جي ذميواري ڏني هئي، ساڻس منهنجي ملاقات ٿي هئي، پي ٽي آءِ باني وري چيو ته آئين تي سوديبازي نه ڪندس.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن تشدد برداشت ڪيون، پي ٽي آءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي هڪ پوائنٽ آئين ۽ قانون جي بالادستي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان تي قتل، اغوا ۽ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، مون تي هڪ ڪيس ايڪسري مشين جي چوري جو به لڳايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.