پاڪستان جي پهرئين سيٽلائيٽ مشن ” آءِ ڪيوب قمر “ بابت وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن “ آءِ ڪيوب قمر “ ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو، مشن ٽن کان ڇهن مهينن تائين چنڊ جي مدار ۾ چڪر لڳائيندو.
اسپارڪو ترجمان موجب، خلا ۾ موڪليل پاڪستاني آءِ ڪيوب قمر چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي، سيٽلائيٽ 16 مئي تي پهرين تصوير زمين تي موڪليندو .
ترجمان موجب، آءِ ڪيوب قمر پاڪستان وقت مطابق منجهند هڪ لڳي 14 منٽن تي چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو، جڏهن ته سيٽلائيٽ چنڊ تي مقرري کانپوءِ ڊيزائن ڪيل ٽيڪنيڪ پٽاندڙ ڪم ڪري رهي آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ڪيوب قمر جو اميجنگ پي لوڊ مڪمل طور فعال آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن تائين سيٽلائيٽ جي مدد سان چنڊ جي مدار جي اندر مڪمل جاچ ڪئي ويندي.
ترجمان ٻڌايو ته آءِ ڪيوب قمر جي ڪنٽرولرز، سڀ سسٽمز ۽ پروٽو ڪولز جي مدار ۾ ٽيسٽنگ جو سلسلو جاري آهي، هي مشن چنڊ جي مدار ۾ پهچڻ کانپوءِ پنج کان ڇهن ڏينهن تائين تجرباتي مرحلن مان گذرندو.
ترجمان موجب، ٽيسٽ ۽ ڊيوائس جي آپريشنل ٿيڻ کانپوءِ 16 مئي تائين چنڊ جي پهرين تصوير حاصل ٿيندي.
ياد رهي ته آءِ ڪيوب قمر کي چيني مشن چينگ 6 سان گڏ ٽي مئي تي هينان اسپيس لانچ سائيٽ تان خلا ۾ روانو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.