ڏاهلي جي ڳوٺ ۾ 5 اسڪول بند، عمارتن اندر جانور بيٺل، ڳوٺاڻن جو احتجاج

مٺي/ڇاڇرو(رپورٽ:غازي بجير/يعقوب بجير) ٿر پارڪر ضلعي ۾ تعليم جي تباهي جا ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اُنهيءَ سلسلي ۾ تعلقي ڏاهلي جي صرف هڪ ڳوٺ رام ترائي کليل پنج ئي پرائمري اسڪولون ڪيتري ئي عرصي کان مڪمل طور تي بند پيل آهن، عمارتون ڀوت بنگلا بڻجي ويون آهن، پنجن ئي اسڪولن جون عمارتون ڪريڪ ٿي ويون آهن، ڳوٺ جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي ويا آهن،بند پيل ۽ ڀوت بنگلا بڻيل اسڪولن جي عمارتن اندر جانور بيٺل هجن ٿا، اندر گڏهن جا ڌير ڄمايل آهن، ڳوٺاڻن پاران تعليم کاتي جي اختيارين کي بار بار دانهن ڏيڻ جي باوجود ڪير به دانهن ٻُڌڻ وارو ناهي، ڳوٺ رام ترائي جي ڳوٺاڻن مير محمد،محمد قاسم،يونس نھڙي،محمد حسن سميجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ پنج پرائمري اسڪولن جو عمارتون ٺهيل آهن،جنهن ۾ 3 پرائمري اسڪولن جي تعمير ٿيل عمارتون به ذبون حال ٿي ويون پر هنن ۾ عملو ۽ استاد اڃان تائين مقرر به نه ڪيا ويا آهن،باقي هڪ فيميل پرائمري ۽ هڪ ميل پرائمري اسڪولن ۾ مقرر عملو گذريل ڇھ سالن کان ڊيوٽي تي نٿو اچي، جنهن سبب ڳوٺ جي سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي،جنهن جي حوالي سان تعليم کاتي انتظاميا ڏاهلي سميت ڊي اي او ٿرپارڪر ۽ ٻين اختيارين کي درخواستون ڏنيون آهن پر اڄ ڏينهن تائين درخواستن تي تعليم کاتي جي ڪنهن به عملدار نوٽيس نه ورتو آهي،ڳوٺاڻن صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بند پيل اسڪولن کي فعال ڪري سوين معصوم ٻارڙن جو مستقبل وڌيڪ تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.