سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه رخ ۽ ٻين جي آزادي لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن خط کلي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهذيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جي آزادي لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي خط لکي ڇڏيو.

رجسٽرار سنڌ هاءِڪورٽ جو خط سپرينٽنڊنٽ سينٽرل جيل کي به لکي موڪلي ڇڏيو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ شاهذيب قتل ڪيس ۾ جوابدارن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون، سپريم ڪورٽ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته شاهذيب قتل ڪيس ۾ 3 جوابدارن ۾ شاهه رخ جتوئي، سراج تالپور ۽ سجاد تالپور شامل آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج تالپور کي موت جي سزا جڏهن ته جوابدار سجاد تالپور کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ سراج تالپور جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جنهن تي سپريم ڪورٽ ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ پاران شاهذيب قتل ڪيس جو تفصيلي فيصلو گذريل ڏينهن جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ڄاڻايل ناهن ته کين فوري آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.