9 مئي واقعن جا اصل ذميوار اسٽيبلشمينٽ اندر موجود،ٻن جنرلن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو؟

اسلام آباد (عمران شفقت) ٻن جرنيلن جي ذاتي مفاد ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيو. پاڪستان جي موجوده وزيراعظم شھباز شريف ڪابينا جي ميٽنگ ۾ چيو آھي ته 9 مئي جو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ھا بي اعتمادي رٿ نه اچي ھا سندس اھڙو بيان سياسي راند کيڏڻ جو حصو آھي. جڏھن ته حقيقت ۾ 9 مئي جو واقعو نه ٿئي ھا جيئن جرنيل راحيل شريف ۽ جرنيل قمر جاويد باجوه ايڪسٽينشن نه وٺن ھا. فوج پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ ٻنھي جو نالو نٿي وٺي پر اھي ٻئي ذميوار آھن ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ جڏھن انھن جو احتساب ٿيندو اصل انصاف تڏھن ٿيندو.  9 مئي واقعي جا اصل ذميوار به فوج جي اندر موجود ڪجھ ماڻھو ھيا پر ڇاڪاڻ ته طاقتور ڌريون آھن ان لاءِ انھن تي آڱر نٿي کڄي وڃي.

نوٽ: عمران شفقت جو هي تجزيو، رزواني عوامي آواز، جمعو 10 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.