علي امين گنڊاپور پاران اسٽيبلشمينٽ کان عام معافي جي گهر، گورنر هائوس تي عوامي قبضي جي ڌمڪي

پشاور(عوامي آواز نيوز) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان سڀ 9 مئي جي مذمت ڪريون ٿا پر ان جي آڙ ۾ اسان جي لکين ڪروڙين ماڻهن سان ظلم ڪيو ويو، اسان جي عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي، ڪارڪنن تي تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا،  پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڪيو؟ ڇا هي قوم انڌي آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون،ڪيڙا ماڪوڙا آهيون، جانور آهيون؟ اسان چپ آهيون ته پنهنجي ليڊر عمران خان جي تربيت جي ڪري چپ آهيون،پوري هڪ سال ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو هن ميڙاڪي ۾ موجود هزارين ماڻهو ثبوت ڏين ته ڪنهن ڪالون ڪيون؟ ڪنهن ڌمڪيون ڏنيون،ڪنهن اغوا ڪيو، ڪنهن ٽارچر ڪيو؟ هڪ هڪ آفيسر جي نالي ۽ گهرن جي ايڊريس اسان کي معلوم آهي،اسان کي انهن جي ٻارن جي به خبر آهي،اهي ثبوت اسان جي دلين ۾ آهن اهي ثبوت ٻاهر اچي ويا ته هن ملڪ جو وڏو نقصان ٿيندو ،هن چيو ته اسان جو ليڊر چوي ٿو ته هن ملڪ جي فوج،پوليس ادارا سڀ اسان جا آهن، هن چيو ته اسان کي پٽيون پڙهائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ بدران پنهنجي اصلاح ڪريو،اصلاح نه ڪندو ته الله الحق آهي، اهو ضرور توهان کي وائکو ڪندو، هن چيو ته هن وقت به اسان جون عورتون ،ورڪر،قيادت جيلن ۾ آهي، عمران خان توهان جي لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي، هو عالم اسلام جو ليڊر آهي، مان سمجهان ٿو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر صاحب توهان کي سياسي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ثابت ڪريو ته 9 مئي ۾ پي ٽي آءِ ملوث آهي ته پوءِ اسان معافي وٺنداسين پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ملوث آهي ته معافي ڪير وٺندو؟ توهان محافظ آهيو، اهو اسان کي ٻڌائي ڇڏيو،منهنجي گناهگار جو تعين ڪير ڪندو؟ هن چيو ته اسان سڀني کي معاف ڪيو آهي ،توهان اسان جا محافظ آهيو،توهان جي معافي  جو انتظار آهي،ظل شاهه کي قتل ڪندڙ ڪير آهي؟ هن جي شهادت جي معافي ڪير وٺندو؟ منهنجي 16 شهيدن جي وارثن کان معافي ڪير وٺندو؟ معافين تائين ڳالهه وئي ته گهڻو اڳتي ويندي، اچو عام معافي جو اعلان ڪريون،اڳتي وڌون، توهان وڏا آهيو،توهان عام معافي جو اعلان ڪريو، اهڙو نظام آڻيو نه ڪير توهان جي چوڻ تي غلط ڪم ڪري نه اسان جي چوڻ تي غلط ڪم ڪري، هن چيو ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ جون ڌمڪيون نه ڏنيون وڃن، گورنر راڄ لڳو ته اسان گورنر هائوس تي قبضو ڪري وٺنداسين، ڌمڪيون انهن کي ڏيو جن کي توهان مڙهيو آهي، جن جي گهرن ۾ حرام ڪمائي پيل آهي،هتي عوام جو راڄ هلندو،جڏهن ته جلسي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ” ڊيزل ڊيزل “جي نعرن تي علي امين گنڊاپور کين روڪيندي چيو ته اڄڪلهه ڊيزل پيٽرول بڻجي جهاز  ۾ تيل اسان لاءِ اڏائي رهيو آهي ٿورو صبر ڪيو،حق جي رستي تي اهو جهاز عمران خان لاءِ اڏامي رهيو آهي،جڏهن اهو پراڻي رن وي تي اچي ويندو ته پوءِ شروع ٿي وينداسين.

نوٽ: هيءَ خبر، رزواني عوامي آواز، جمعو 10 مئي 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.