شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ جي ڪميٽين مان نيڪالي

راولپنڊي (م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي  جنرل سيڪريٽري عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان شير افضل مروت کي ڪور ڪميٽي ۽ سياسي ڪميٽي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي. اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته عمران خان شير افضل مروت کي شوڪاز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هن چيو ته شير افضل مروت سعودي حڪومت سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته سعودي حڪومت سان ذاتي لاڳاپن کي شير افضل مروت نقصان پهچايو. پي ٽي آءِ باني جا سعودي شهزادي محمد بن سلمان سان سٺا لاڳاپا آهن. پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پوليٽيڪل ڪميٽي شير افضل مروت جي خلاف قدم کڻي. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان اسان جي تفصيلي ملاقات ٿي آهي، پي ٽي آءِ باني عارف علوي کي اهم ذميواري ڏني آهي. پنجاب حڪومت طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪريون ٿا. ڪالهه وڪيلن سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي به مذمت ڪريون ٿا. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي مان ڪڍڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي هئي ته شير افضل مروت کي پارٽي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي مان ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ميڊيا تي هلندڙ خبرون غلط آهن، لڳي ٿو ته منهنجي خلاف سازش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.