سياسي پارٽيون هٿ ڪڍي ويون، فوج ۽ پي ٽي آءِ دوبدو

اسلام آباد (وسي بابا) پنڊيءَ 9 مئي کي وساريو ناهي، پي ٽي آءِ کي جيئن ڏڦيڙ ۽ ڪوڙ پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي ۽ معافي گهرڻ، تڪرار ختم ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، ان کي بيڪ ڊور ڳالهين لاءِ ڪنهن نرمي جو اشارو نٿو ملي، ان مان اهو ئي لڳي ته ڳالهه وڌي وئي آهي. 9 مئي واقعن تي جاچ ڪميشن جوڙڻ جو جواب اهو ڏنو ويو آهي ته ڪميشن جي ضرورت ناهي، جيڪڏهن ٺاهڻي آهي ته پوءِ اها 2014 جي ڌرڻن جي به جاچ ڪري، تڏهن ٽي وي اسٽيشن ۽ سرڪاري ملڪيتن تي ٿيل حملن کي به ڏسي، خيبر پختونخواهه جي پي ٽي آءِ حڪومت طرفان سرڪاري وڪيلن ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ ڌرڻن جي به جاچ ڪري. جي ڊي آءِ ايس پي آر احمد شريف 9 مئي جي جوابدارن کي سزا نه ملڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ پکيڙڻ تي قانون سازي نه ٿيڻ جي به ڳالهه ڪئي، اها عدليه ۽ پارليامينٽ کي به هڪ ميارَ آهي، آمريڪا ۾ ٽرمپ جي حمايت کي احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه تي مليل سزائن جي ڀيٽ 9 مئي جي جوابدارن سان ڪئي وئي آهي، آمريڪي شهرين فوجي ملڪيتن تي حملا نه ڪيا هئا، نه شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر  جي پريس ڪانفرنس پنڊي جي سوچ جو اظهار آهي. پنڊي جو موقف ته سامهون اچي ويو، پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ جون وڏيون مخالف سياسي جماعتون آهن، بي اعتمادي کانپوءِ انهن جي اتحاد ”پي ڊي ايم“ ئي حڪومت ٺاهي، 9 مئي واقعو به انهن جي حڪومتي دور ۾ ئي ٿيو، ٻئي وڏيون جماعتون 9 مئي واقعن تي هلڪا بيان ڏئي ڊگهي خاموشي اختيار ڪري ڇڏينديون آهن. ”پي ڊي ايم“ جي سربراهي مولانا فضل الرحمان وٽ هئي يا آهي، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته 9 مئي جو بيانيو عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، 9 مئي تي جي يو آءِ ملين مارچ جو به اعلان ڪيو آهي، مولانا هڪ وضاحتي بيان به ڏنو آهي ته اسان جي مارچ جو 9 مئي جي احتجاج سان ڪو واسطو ناهي. هڪ پاسي پنڊي مان واضح موقف سامهون آيو آهي ته ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان جي زباني ٻئي رُخ جو اظهار ٿيندو آهي، 9 مئي جي جوابدارن کي سزا نه ملڻ، سوشل ميڊيا تي ڪوڙ خلاف قانون سازي نه ٿيڻ جي ڳالهه تي غور ڪيون ته خبر پئي ٿي ”پنڊي ۽ پي ٽي آءِ پاڻ ۾ ئي وچڙيل آهن، باقي سڀ سائيڊ تي ئي ويٺا آهن. پي ٽي آءِ بي اعتمادي کانپوءِ سياسي ٽيمپريچر کي بوائلنگ پوائنٽ تي ئي رکيو، ڪڏهن آمريڪي سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکيو، ڪڏهن مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا لفظ استعمال ڪيا، اسيمبليون ٽوڙيون، پنهنجون حڪومتون ڇڏيون ۽ مسلسل روڊن تي احتجاج ڪيو. ڪپتان جي گرفتاري تي احتجاج ڪيو ته اهو هڪ بدصورت شڪل اختيار ڪري ويو، ڪپتان کي تڏهن ئي آزادي ملي وئي هئي پر ٻيهر گرفتاري ٿي ۽ تڏهن کان ادو اندر آهي ۽ ان جا وڪيل اسيمبلي پهچي چڪا آهن. چونڊ نتيجن کي به پي ٽي آءِ شڪي بڻائي ڇڏيو، حوالدار بشير جي ڦڙتي ڪم نه آئي، ن ليگ پنجاب ۾ ٽي ڳالهيون پڪڙي ويٺي، هڪ ”اسان جي ڳالهه ٿي چڪي آهي“، ٻي ”پروگرام تو وڙ گيا“ ۽ ٽين ”نڪ دا ڪوڪا“، چڱي طرح خوار ٿي ن ليگ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي. 9 مئي جي ورسي ان حال ۾ آئي آهي ته پاڪستان ۾ سياست ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي لڳي رهي آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جي آخري قسط بنا ڪنهن رولڙي جي جاري ٿي چڪي آهي، سعودي سيڙپ ڪار پاڪستان اچي رهيا آهن، سعودي ولي عهد جي پاڪستان دوري جون تياريون جاري آهن، جڏهن ته وزيراعظم جون چين جي دوري لاءِ به سرگرميون جاري آهن، پي ٽي آءِ وٽ پنهنجي پاور بيسڊ خيبر پختونخواهه ۾ هڪ ڏيوالو ٿيل حڪومت آهي، وڏو وزير اهڙو آهي جنهن کي وڙهڻ ته ايندو آهي ۽ ڪم جي حوالي سان ”ڪم جوان جو موت آهي“ واري سائنس تي ئي ان جو يقين نظر اچي ٿو. 9 مئي جون جيتريون ڌريون آهن ڀلي پي ٽي آءِ هجي، پنڊي هجي، سياسي جماعتون هجن، بئنچ يا بار هجي، سياست هجي يا سفارت هجي، ڪنهن هڪ جي پوزيشن ٻئي سان نٿي ملي ۽ اها ملڻي به ناهي، ان جو ڪنهن وٽ ڪو حل ناهي، پنهنجو هڪ مشورو آهي ته نئين قانون سازي ڪيو، ان ۾ سزا، قيد، ڪوڙن يا ڦاهي بدران ڏنڊ رکو ۽ سڄي نقصان ۽ نئين تعميرات جو خرچ وصول ڪيو، 9 مئي جا ماڻهو ڳڻو، نقصانن جو حساب لڳايو ۽ الله جو نالو وٺي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ مان ڪٽوتي ڪيو، جيڪو به اهڙيون حرڪتون ڪري ان تي سڌو ڏنڊ هنيو وڃي، ڪٽوتي کانپوءِ پي ٽي آءِ وارن ۽ ٻين کي به باقاعدي اُڪسايو ته ملڪ ۾ جمهوريت آهي، اظهار جي آزادي آهي، توهان ڳالهايو، گهمو ڦرو ۽ دل چاهي ته احتجاج به ڪيو، بس ڏنڊ وقت تي ادا ڪرڻو آهي پر سرڪار اڪائونٽ مان پاڻ وصول ڪري ڇڏي. پنهنجي ڀاءُ حوالدار بشير کي بس ايترو چوڻو آهي ته ڀائرو هر ڪوشش ڪري ڏسي چڪا آهيو، هڪ ڀيرو اهو ڏنڊ وارو آئٽم به ڪري ڏسو، هر پاسي سڪون هوندو، نه ڪنهن جي ڪنهن تي الزام هڻڻ جي دل چوندي، نه ڪو اشارو ٽوڙيندو ۽ نه ڪو ڪوڙ پکيڙيندو، ڏنڊ اهڙي سزا آهي جيڪا قوم جي مزاج موجب آهي، قوم جو مزاج اهو آهي ته 1000 يا 500 ڏنڊ جي خوف کان موٽر وي تي سڌي نَڪ تي هلندي آهي.

نوٽ: وسي بابا جو هي تجزيو، رزواني عوامي آواز، جمعو 10 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.