”پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کي سبق سيکارڻ پئي چاهيو“

واشنگٽن(رضا رومي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير ۽  تجزئي نگار حسين حقاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ اڄ به ڪو انقلاب نه آندو نه ئي لکين ماڻهو روڊن تي نڪتا،سياسي جماعتون اڃا به وڌيڪ ڪمزور ٿينديون،عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ پاران  فوجي تنصيبن کي نشانو بڻائڻ پلان ۾ نه هو ،سندن مقصد رڳو اهو هو ته فوج جي قيادت کي سبق سيکاريو وڃي،عمران خان لاءِ فوجي خاندانن ۾ همدرديون هيون انهن جو خيال هو ته ان سان فوجي قيادت ۾ تبديلي اچي ويندي اهو نه ٿيو ته پوءِ فالس فليگ جو بيانيو شروع ڪيو ويو،هن چيو ته عمران خان جو خيال هو منهنجي مقبوليت ايتري آهي جو فوج کي مون آڏو گوڏا کوڙڻا پوندا پر ائين نه ٿيو،هن چيو ته سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ، مٿن تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ مداخلت سان جمهوريت اڳتي نه وڌندي،9 مئي واقعن جو تجزيو اهو نڪري ٿو ته فوجي قيادت  کي اهو پيغام ملي ويو ته هڪ سياسي قوت اهڙي به آهي جنهن کي کٽڻ ۾ ۽ ان جي مرضي پوري ڪرڻ ۾ فوج مدد نٿي ڪري ته اها سڌو سنئون فوج سان ٽڪراءُ به کائي سگهي ٿي،پي ٽي آءِ جا ماڻهو شخصيت پرست آهن،فوج هاڻي ڳالهيون نه ڪندي،عمران خان جي گيم اوور ٿي چڪي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 10 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.