فوج ڌمڪين بدران سياست تان هٿ کڻي،توهان پاڪستان ٺاهيو نه پر ان کي ٽوڙيو:فضل الرحمان

پشاور(م ڊ)جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان فوجي ترجمان جي پريس ڪانفرنس کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته يا ته چئو ته اسان ڌانڌلي ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن توهان ڌانڌلي ناهي ڪئي ته عوام توهان جي 9 مئي جي بيانئي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پشاور ۾ ملين مارچ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان واضح پيغام ڏنو آهي ته توهان جي ڌانڌلين جي پيداوار حڪومتون عوام جون نمائندا ناهن، هي حڪومتون ۽ اسيمبليون اسٽيبلشمينٽ جون نمائنده ته ٿي سگهن ٿيون پر انهن کي پاڪستان جي عوام جي نمائنده ڪوٺڻ منهنجي ويجهو پاڪستان جي عوام جي توهين آهي، هن چيو ته اليڪشن جي حوالي سان فوج جو ڪو به ڪردار ناهي، مان به توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئين ۽ قانون ۾ ڪو به رول ناهي ته فوج سياست تي ڳالهائي،هن چيو ته فوجي ترجمان چوي ٿو ته فوج تي تنقيد ڪرڻ ملڪ سان بغاوت آهي،اهو مان به ڄاڻان ٿو،فوج منهنجي رياست جي محافظ آهي، پر جڏهن توهان حلف کڻو ٿا ته چئو ٿا ته مان سياست ۾ حصو نه وٺندس اهو ئي سبب آهي ته جڏهن توهان سياست ۾ حصو وٺندا ته پوءِ توهان پاڪستان جا فوجي نٿا رهو، ان ڪري مان توهان تي تنقيد ڪريان ٿو،هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ توهان جو ڪو به ڪردار ناهي، پاڪستان کي هندستان جي مسلمانن قربانيون ڏئي بڻايو، پر توهان جو ڪردار پاڪستان ٽوڙڻ ۾ آهي، 1971ع ۾ 90 هزار کان وڌيڪ فوجين هٿيار ڦٽا ڪيا، توهان جي ڪردار اسان جو نڪ وڍرايو،، هاڻي پنهنجا معاملا درست ڪريو، سياست تان هٿ کڻو ۽ پنهنجي پوزيشن تي واپس هليا وڃو،هن چيو ته فوج کي قبائلي علائقن مان نڪرڻو پوندو، ريڪوڊڪ بلوچن جي ملڪيت آهي، ان تي قانون سازي جائز ناهي، اهو مناسب ناهي ته توهان ارڙهين ترميم جي مخالفت ڪري ريڪوڊڪ کي عالمي ڪمپنين حوالي ڪريو، بلوچستان جي ماڻهن کي محروم ڪريو، هن چيو ته جيڪڏهن توهان جو خيال آهي ته ڌمڪين ڀريو بيان ڏئي اسان کي خاموش ڪرائي ڇڏيندا ته اسان توهان کي خاموش ڪرائڻ آيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.