نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)ايراني صدر مسعود پزشڪيان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت موقف اختيار ڪيو ۽ چيو ته ايراني عوام دهشتگردي جو نشانو بڻيو آهي. هن آمريڪي حملن، اسڪول تي بمباري ۽ ايراني شهرين جي مارجي وڃڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ايران رڳو پنهنجو دفاع ڪيو ۽ ان باوجود جهڪيو ناهي.پزشڪيان پنهنجي خطاب جي شروعات ايران تي ٿيندڙ حملن جي ذڪر سان ڪئي ۽ چيو ته هو اهڙي ايران مان آيو آهي، جتي هڪ اسڪول تي بمباري ڪئي وئي. هن جنرل اسيمبلي ۾ شهيد ٻارن جون تصويرون ڏيکاريون ۽ چيو ته انهن ٻارن ڪو به ڏوهه نه ڪيو هو.ايراني صدر چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل انهن ٻارن کي قتل ڪيو، جڏهن ته آمريڪا ايران جي عورتن، ٻارن، مردن ۽ سائنسدانن کي پڻ نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته اهي معصوم شهري بزدلاڻن حملن جو شڪار ٿيا.پزشڪيان چيو ته اسان دهشتگرد ناهيون، اسان پنهنجو دفاع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو، پر ان باوجود ايران نه جهڪيو ۽ پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو. هن چيو ته ايران پنهنجو دفاع ڪيو ۽ ڪڏهن به عورتن ۽ ٻارن تي حملو نه ڪيو.هن چيو ته اسرائيل غزا ۾ دهشتگرد وانگر ڪارروايون ڪيون ۽ اتي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. غزا جي صورتحال عالمي نظام جي ناڪامي آهي ۽ فلسطين ۾ انصاف کانسواءِ امن ممڪن ناهي. سندس مطابق غزا ۾ ماڻهو مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ ان مزاحمت کي بمن ۽ حملن ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته پنهنجو دفاع ڪندڙن کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو، جڏهن ته عالمي طاقتن ذريعي پاڙيسري ملڪن کي خوفزده نٿو ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته ايران وٽ ڪو به جوهري هٿيار نه هوندو، جڏهن ته پرامن مقصدن لاءِ سندس جوهري پروگرام جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل وٽ جوهري بم موجود آهن، پر ايران جي جوهري پروگرام جو معائنو ڪيو وڃي ٿو.پزشڪيان چيو ته اسرائيل قتل عام ڪري ٿو ۽ پابنديون ايران تي لڳايون وڃن ٿيون، جيڪا سندس بقول واضح ٻٽي پاليسي آهي. ايراني صدر جي خطاب دوران آمريڪي وفد جنرل اسيمبلي جي اجلاس مان اٿي هليو ويو.