مينڊيٽ چوري ۾ اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو ملوث آهن،فوج تي تنقيد جي دعوت توهان پاڻ ڏني: عارف علوي

راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي صدر عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن، آزاد ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي ۽ عامر ڊوگر پڻ شرڪت ڪئي.جيل ذريعن موجب عمران خان ۽ عارف علوي وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، عارف علوي چيو ته عمران خان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پي ٽي آءِ جي باني کان هدايتون ورتيون آهن، اڳوڻو وزيراعظم اڄ به 80 سيڪڙو مقبوليت رکي ٿو،هڪ سوال جي جواب ۾ عارف علوي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو ملوث هجن پر سڄي پارٽي کي چٿيو ويو آهي، فارم 47 جي پيداوار حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن،معافي مظلوم کي نه ظالم کي وٺڻ گهرجي، اڳوڻي صدر چيو ته فوج کي بحث جو موضوع بڻايو ويو، چيو ويو ته 9 مئي ۾ ملوث فوج جي اندر جي ماڻهن کي سزا ڏني وئي، قمر جاويد باجوا چيو ته فوج مستقبل ۾ سياست ۾ حصو نه وٺندي، چون ٿا ته فوج جو اليڪشن ۾ هٿ ناهي، توهان فوج کي نقصان پهچايو آهي، فوج تي تنقيد کي دعوت ڏني آهي وڊيو ڪلپس آهن ته مينڊيٽ کسڻ ۾ فوج جي ڪجهه ماڻهن جو هٿ آهي، عمر ايوب چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سڀني کي آزاد ڪيو وڃي، 9 مئي تي پي ٽي آءِ جا 15 کان 16 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.