گذريل حڪومت اسان جي ڪيل خدمت کي اونڌو ڪري ڇڏيو جنهن کي سڌو ڪري رهيا آهيون: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ اسان جي ڪيل خدمت کي اونڌو ڪيو ويو جنهن کي هاڻي اسان سڌو ڪري رهيا آهيون، نواز شريف ۽ شهباز شريف خدمت جا رڪارڊ قائم ڪيا، مون کي خوشي آهي ته اسان صحت جون سهولتون عوام جي گهرن جي درن تائين ڏئي رهيا آهيون.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڪلينڪ آن وهيلز منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم مريم نواز چيو ته هاڻي نواز شريف جي ڌيءَ انهن پروگرامن ۾ 200 ڪلينڪ آن وهيلز جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪنٽينرز ۽ گاڏين کي احتجاج لاءِ نه پر علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو
مريم نواز چيو ته ڪنٽينرز ۽ گاڏين کي احتجاج لاءِ نه علاج لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڪلينڪ آف وهيلز هفتي ۾ 6 ڏينهن ماڻهن جي گهرن تائين خدمتون فراهم ڪندي ۽ ان مان 40 لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا
پنجاب جِي وزيراعليٰ چيو ته اسان نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي گهٽتائي به ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڊاڪٽرز کي مقرر ڪيو پيو وڃي، پنجاب کي ڪاري دور مان ڪڍي ترقي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.